سهڻي ميهار جو ميلو

سهڻي ميهار جو ميلو: سهڻي ميهار جو ميلو هر سال اسلامي مهيني جماد الاول جي 11، 12، ۽ 13 تاريخ تي ضلعي سانگهڙ ۾، شهدادپور ڀرسان لڳندو آهي. هي ميلو وڏي ڌام ڌوم ۽ شاندار نموني سان ملهايو ويندو آهي. ادبي ڪچهرين ۽ مشاعري کانسواءِ ملاکڙو لڳندو آهي، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا پهرين ۽ ٻئي جوڙ جا پهلوان حصو وٺندا آهن. ان کان سواءِ ميلي جي آخري ڏينهن تي رات جو محفل موسيقي ٿيندي آهي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جا ناميارا فنڪار حصو وٺندا آهن. هن ميلي ۾ مختلف قسم جا کاڌ خوراڪ جا اسٽال لڳندا آهن ۽ بازارون پڻ لڳايون وينديون آهن. سهڻي ميهار جي مزار تي چادرون پڻ چڙهايون وينديون آهن. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين جي تعداد ۾ ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن.


لفظ سهڻي ميهار جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو